نوشهروفيروز (رپورٽر) نوشهروفيروز ويجھو ابڙان ۾ ملڪيت تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا قتل،3 زخمي،  ان ڏس ۾ ابڙان شھر ۾ هڪ ڌر پهچي  تڪراري جڳھه جي مرمتي ڪم شروع ڪرايو ته ٻئي ڌر مرمتي ڪم بند ڪرائڻ لاءِ پهچي وئي، جنهن دوران ڇڪتاڻ بعد جھيڙو ٿي پيو، فائرنگ ۾ ھڪ ڄڻو زاھد ميمڻ موقعي تي ئي قتل ٿي ويو، جڏهن ته 4 ڄڻا غلام مصطفيٰ سولنگي، نظام الدين ميمڻ، راھب علي ميمڻ ۽ حاڪم علي ميمڻ گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا، مقتول جو لاش ۽   زخمين کي سول اسپتال نوشهروفيروز آندو ويو، جتي راھب علي ميمڻ زخمن جي سٽ نه سھي دم ڏئي ڇڏيو،  هوڏانهن زخمي نظام الدين ميمڻ ٻڌايو ته اسان ابي ڏاڏي کان جڳھه ۾ رھندا ھئاسين، ڪوبه تڪرار نه ھو، تازو برساتن ۾ جڳھه جو ھڪ ڪمرو ڪري پيو ھو، اھو ڪمرو ٺهرائڻ لاءِ اڄ مزدور وٺي آيس ته ابڙان يونين ڪائونسل جي ضلعي ڪائونسل تي ميمبر سيد لطف شاھ، اڳوڻي چيئرمين سيد ظفر علي شاھ، مجاھد شاھ، ذوالفقار شاھ ۽ راجا شاھ اسان تي حملو ڪيو ۽ چيو ته 3 لک رپيا ڏي نه ته جڳھه ٺاھڻ نه ڏينداسين، پئسن کان جواب ڏيڻ تي ڄاڻايل ماڻھن فائرنگ ڪئي، جنھن ۾ ھڪ ڄڻو زاھد موقعي تي مارجي ويو، ٻيو ممتاز عرف راھب اسپتال ۾ دم ڏنو، ھن چيو ته جوابدار  بااثر آھن انھن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ٻي طرف يونين ڪائونسل ابڙان جي اڳوڻي چيئرمين سيد ظفر علي شاھ ٻڌايو ته  جڳھه سندن اباڻي ملڪيت آھي، جنھن ۾ ميمڻن  کي ڪجھه وقت لاءِ ويھاريو ھو، ھاڻي جڳھه تي قبضو ڪري حملي جو ڊرامو رچايو آهي.