اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جوڊيشل ميجسٽريٽ نور مقدم ڪيس جي جوابدار ظاهر جعفر کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو. جوابدار ظاهر جعفر کي جسماني رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي ڪوهسار ٿاڻي جي پوليس ڊيوٽي جوڊيشل ميجسٽريٽ شائسته ڪنڊي جي عدالت ۾ پيش ڪيو. ان موقعي تي ايف ايٽ ڪچهري ۽ ان جي چوڌاري سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا. ٻڌڻي دوران عدالت جي پڇاڻي تي پوليس طرفان ٻڌايو ويو ته واقعي کي 12 ڏينهن گذري ويا آهن ۽ جاچ مڪمل ٿي چڪي آهي. جڏهن ته پوليس جوابدار ظاهر جعفر کان علاوه ان جي والد، والده ۽ ٻن گهريلو ملازمن کي به شاهديون مٽائڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو آهي. عيد رات اڳوڻي سفير جي ڌيءُ نور مقدم کي اسلام آباد ۾ قتل ڪيو ويو هو، هوڏانهن گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته نورمقدم ڪيس ۾ انصاف ٿيندو، ڪيس ۾ سموريون شاهديون گڏ آهن. جوابدار کي پوليس مقابلي ۾ ته نٿو مارائي سگهان، هاڻ فيصلو عدالت جو آهي. اميد آهي ته جوابدار کي موت جي سزا ضرور ملندي.