نئين دهلي(دلچسپ نيوز) نوجوان گرفتاري وقت به چانهه جو ڪپ هٿ مان نه ڪڍيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارت ۾ پوليس هڪ نوجوان کي چانهه پيئڻ دوران گرفتار ڪيو، نوجوان چانهه جو ڪپ به هٿن ۾ کنيو ۽ پوليس سان گڏ وڃڻ لڳو، چانهه جو ڪپ هٿن ۾ کڻي گرفتاري ڏيندڙ نوجوان جي وڊيو وائرل ٿي وئي. وڊيووائرل ٿيڻ بعد صارفين جا دلچسپ تبصرا شروع ٿي ويا آهن، ڪجهه صارفين نوجوان جي شوق جي ساراهه ڪئي آهي. ته ڪجهه صارفين وري پوليس جي ساراهه ڪئي آهي. هڪ صارف لکيو ته دم وڃي ته ڀلي وڃي پر چانهه نه وڃي، ٻئي صارف لکيو ته هي اسان جي چانهه آهي ۽ هي اسين آهيون باقي بعد ۾ ڏسندا جڏهن ته ڪجهه صارفين پوليس جي پڻ ساراهه ڪئي سندن چوڻ هو ته پوليس نوجوان کي چانهه جو ڪپ به کڻڻ ڏنو جڏهن ته وين ۾ ويهڻ وقت به کيس ڪپ ڇڏڻ لاءِ نه چيو.