حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي سيڪنڊ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت جوابدار شير محمد عرف شيدو کي ڏوه ثابت نه ٿيڻ تي بري ڪري ڇڏيو. جوابدار خلاف هٽڙي پوليس 2018ع ۾ نوجوان کي جنسي طور حراسان ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو هو ساڳئي عدالت بلديا ٿاڻي تي هلندڙ سال ناري کي جنسي طور حراسان ڪري کيس زخمي ڪرڻ واري ڪيس مان ڌرين ۾ ٺاه بعد جوابدار واجد راجپوت کي بري ڪيو آهي. لاڳاپيل عدالت جنسي حراسمينٽ جي ٽئين ڪيس مان جوابدار علي شير سولنگي کي متاثر نينگري جي وارثن پاران معاف ڪرڻ تي بري ڪري ڇڏيو آهي نينگري کي حراسان ڪرڻ جو ڪيس حالي روڊ پوليس جوابدار خلاف 2020ع ۾ داخل ڪيو هو.