نوجوان ڀاءُ کي مٿي تي کڻي 100 چاڙهيون چڙهي رڪارڊ جوڙيو

0
645

ميڊرڊ (دلچسپ نيوز) نوجوان ڀاءُ کي مٿي تي کڻي 100 چاڙهيون چڙهي رڪارڊ جوڙيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ويٽنام جي ٻن ڀائرن اسپين جي شهر ميڊرڊ ۾ انوکو ڪرتب ڏيکاري عالمي رڪارڊ جوڙي ورتو،

نوجوان ٻئي ڀاءُ کي مٿي تي ابتو کنيو ۽ چرچ جون 100 چاڙهيون چڙهيو. ٻنهي ڀائرن 2016 ۾ 90 چاڙهيون چڙهي رڪارڊ جوڙيو هو جيڪو 2018 ۾ ٻن ڄڻن 91 چاڙهيو چڙهي ٽوڙيو هو.