انڊر-19 ايشيا ڪپ ڀارت کٽي ورتو: فائنل ۾ سريلنڪا کي شڪست

0
845
انڊر-19 ايشيا ڪپ ڀارت کٽي ورتو: فائنل ۾ سريلنڪا کي شڪست
انڊر-19 ايشيا ڪپ ڀارت کٽي ورتو: فائنل ۾ سريلنڪا کي شڪست

دبئي (اسپورٽس نيوز) انڊر-19 ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڀارت کٽي ورتو آهي، فائنل ۾ سريلنڪا کي شڪست ڀوڳڻي پئي. انڊر-19 ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ جي فائنل ۾ ڀارت سريلنڪا کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽائٽل پنهنجي نانءُ ڪيو.

سريلنڪا فائنل ۾ 38 اوورن ۾ 9 وڪيٽن تي 106 رنز ٺاهيون، برسات جي ڪري سريلنڪا جي اننگز 38 اوورن تائين محدود ڪئي وئي. ڀارت کي ڊڪ ورٿ لوئس ميٿڊ تحت 32 اوورن ۾ 102 رنز جو هدف مليو، جيڪو هن هڪ وڪيٽ جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.