نوجوان صحافي عرفان پيرزادو فوت، ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام

0
542

ڪراچي، ڏوڪري (نمائندن وٽان) ڏوڪري لڳ ٻلهڙيجي ڳوٺ سان واسطو رکندڙ نوجوان صحافي عرفان پيرزادو لاڏاڻو ڪري ويو، دماغ جِي بيماري جَي آپريشن بعد عرفان پيرزادو جِي طبيعت سُڌري نه سگهي، ڪالهه رات هُن ڪراچي جِي جناح اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، وارثن ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام مڙهي ڇڏيو، عرفان جَي ڀاءُ احمد پيرزادي چيو آهي ته جناح اسپتال جَي ڊاڪٽرن ڀاءَ تي تجربا ڪيا، ذميوار ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، عرفان جي وڇوڙي بعد سندس گهر ۾ عيد جون خوشيون سوڳ ۾ تبديل ٿي ويو