اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مسلم ليگ(نواز) جي سينئر نائب صدر شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نواز ليگ جو صدر شهباز شريف آهي پر حتمي فيصلا نواز شريف ئي ڪندو آهي. اسلام آباد ۾ عدالت ۾ پيشي دوران صحافين سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته ماڻهن کي گهرن ۾ گهڙي ماريو پيو وڃي ۽ کين اغوا به ڪيو پيو وڃي. اسان امن جون ڳالهيون ڪري رهيا آهيون. پهريان ملڪ ۾ امن ته قائم ڪريو. هن چيو ته نواز ليگ جي سياست اصولن جي آهي، ان کي مزاحمت سمجهو يا مفاهمت، نواز ليگ جي بيانيي تي پارٽي ۾ اختلاف ناهن، شهباز شريف جو نعرو به ووٽ کي عزت ڏيو جو آهي. هن چيو ته شهباز شريف پارٽي جو صدر آهي اهو فيصلا ڪندو آهي پر حتمي فيصلو نوازشريف جو آهي. پ پ کي پي ڊي ايم ۾ واپس آڻڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي؟ اهڙي سوال تي هن چيو ته اسان جي ڪوشش ٻڙي آهي، جنهن اعتماد ٽوڙيو اهو اعتماد بحال ڪري نه ته راهون جدا آهن، پ پ ۽ اي اين پي هن وقت اتحاد جو حصو ناهن، شاهد خاقان چيو ته نيب اڄ پاڪستان کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي، اسان پهرين ڏينهن کان چئي رهيا آهيون ته نيب جي معاملي ۾ عدالتي ڪارروائي نشر ڪئي وڃي، نيب چيئرمين ۾ همت آهي ته ڪيمرا لڳائي جاچ ڪري. نيب کي حڪومت جا ڪرپشن ڪيس نظر نه پيا اچن، 600 ارب رپين جي ڪرپشن جي جاچ هڪ سينيٽر کان ڪرائي پئي وڃي. هن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ عام چونڊن ۾ رنڊڪون وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اليڪشن 2 مهينا ملتوي ڪرڻ لاءِ اين سي او سي خط لکيو. اين سي او سي جو اليڪشن سان ڪهڙو تعلق آهي؟ اها ڌانڌلي لاءِ ملي ڀڳت آهي. خط واپس ورتو وڃي.