نواز شريف جون سزا خلاف اپيلون بحال

0
175

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون ٻڌڻي لاءِ منظورڪري ورتيون

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون بحال ڪري ڇڏيون آهن

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نوازشريف جي سزا خلاف اپيلن ۽ نواز شريف جي حفاظتي ضمانت واري درخواست تي به ٻڌڻي ٿي، عدالت سمورين درخواستون گڏيل طور ٻڌيون

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ڪيسن ۾ سزا خلاف نوازشريف جون اپيلون بحال ڪرڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو، جيڪو ٻڌايو ويو آهي

چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب تي ٻڌل بينچ نوازشريف جي حفاظتي ضمانت واري درخواست ۽ ٻين درخواستن کي گڏائي ٻڌڻي هلائي

نيب جي پراسيڪيوٽر جنرل چيو ته نوازشريف جون اپيلون بحال ڪرڻ تي نيب کي ڪو به اعتراض نه آهي، اهو تاثر ڏنو ويو ته ڄڻ نيب سرينڊر ڪيو آهي، اهڙي صورتحال نه آهي، روپوش جوابدار سرينڊر ڪيو آهي ته سندس اپيل بحال ٿيڻ گهرجي، نيب چيئرمين ان ڳالهه سان متفق آهي ته پهرين مرحلي ۾ اپيلون بحال ڪرڻ تي اعتراض نه ڪنداسين

 اپيلون بحال ٿي ويون ته شاهدين جو جائزو وٺڻ بعد عدالت ۾ موقف اختيار ڪنداسين، ٻڌڻي دوران نوازشريف عدالتي ڪمري ۾ شهباز شريف ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏ موجود رهيو