سکر جي عدالت: شهيد جان محمد مهر جي ڪيس جو مک جوابدار گرفتار نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار

0
152

آءِ جي سنڌ به شهيد جان محمد مهر جي قتل جي انڪوائري لاءِ جاچ ٽيم جوڙي ڇڏي، وڌيڪ 3 سهولتڪار گرفتار

سکر جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران سينيئر صحافي شهيد جان محمد مهر جي قتل ڪيس جو مک جوابدار گرفتار نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو آهي

عدالت مک جوابدار سميت روپوش جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، جاچ آفيسر روپوش مک جوابدار جي گرفتاريءَ لاءِ عدالت کان مهلت گهري ورتي

پوليس پاران گرفتار ڪيل ٽن سهولتڪارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو، دهشتگردي ٽوڙ عدالت ون جي جج عبدالرحمان قاضي ڪيس جي ٻڌڻي هلائي

فريادي ڌر قتل ڪيس ۾ وڌيڪ 3 جوابدارن جا نالا شامل ڪرڻ جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

 عدالت سهولتڪاري جي الزام هيٺ گرفتار جوابدارن بخشل مهر، بابر مهر ۽ منور مهر کي 12 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو