ننگرپارڪر (ن پ ا) ننگرپارڪر جي ڳوٺ پورڻ واھ جي رھواسي سورو ڪولھي پنهنجي گهرواري ۽ ٻارن سميت  بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ڳوٺاڻي دانهيندي چيو ته  بااثرن منھنجي اباڻي پلاٽ تي قبضو  ڪري ڇڏيو آھي،  هن چيو ته شڪايتن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، نوٽيس وٺي بااثر خلاف ڪارروائي ڪري قبضو ختم ڪرايو وڃي.