نقيب الله قتل ڪيس، رائو انوار سميت ٻين جوابدارن جي بريت خلاف اپيل ٻڌڻيءَ لاءِ منظور

0
125
نقيب الله قتل ڪيس، رائو انوار سميت ٻين جوابدارن جي بريت خلاف اپيل ٻڌڻيءَ لاءِ منظور
نقيب الله قتل ڪيس، رائو انوار سميت ٻين جوابدارن جي بريت خلاف اپيل ٻڌڻيءَ لاءِ منظور

سنڌ هاءِ ڪورٽ نقيب الله قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار سميت ٻين جوابدارن جي بريت خلاف اپيل ٻڌڻيءَ لاءِ منظور ڪري ورتي آهي

 دهشتگردي ٽوڙ عدالت کان قتل ڪيس جو سمورو ريڪارڊ طلب ڪيو ويو، پراسيڪيوٽر جنرل کان به جواب طلب ڪيو ويو

 مقتول نقيب الله جي ڀاءُ عالم شير پاران داخل ڪرايل اپيل ۾ چيو ويو آهي ته جوابدارن کي بري ڪرڻ وقت ثبوتن کي نظر انداز ڪيو ويو، دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي

 ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 23 جنوري 2023 تي نقيب الله قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي ثبوت نه ملڻ تي رائو انوار سميت 18 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو هو