ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي منا ڀائي سنجي دت جي هڪ پراڻي وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هن انڪشاف ڪيو آهي ته هڪ ڀيرو مان نشو ڪري اهڙي طرح ننڊ ڪئي جو ٻن ڏينهن کانپوءِ بک لڳڻ جي ڪري جاڳيس جنهن کانپوءِ مان پاڻ به حيران ٿي ويس. ڀارتي ميڊيا موجب ڪجهه عرصو اڳ سنجي دت اداڪار جيڪي شروف ۽ سلمان خان سان گڏ پروگرام “دس ڪا دم” ۾ شرڪت ڪئي جتي هن آن اسڪرين تي نشي جو عادي هئڻ جو اعتراف ڪيو. پروگرام دوران جيڪي شيروف سنجي دت کان سوال ڪيو هو ته اوهان ڪاليج جي شاگردن کي ڊرگز بابت ٻڌايو ته ان جا ڪنهن شخص جي زندگي تي ڪهڙا اثر پوندا آهن. جواب ۾ سنجي دت چيو ته ڊرگز بيڪار شيءِ آهي. گڏوگڏ هن پنهنجي زندگي جي ان واقعي بابت به ٻڌايو جنهن کانپوءِ هن ڊرگز ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو هو. سنجي دت ٻڌايو ته هڪ ڀيرو ڏينهن جي وقت گهڻو نشو ڪري آيس ۽ ڪمري ۾ وڃي سمهي پيس، جڏهن شام 7 کان 8 جي وچ ۾ اٿيس ته بک لڳي، پنهنجي پراڻي نوڪر کي گهرائي مانيءَ جو چيم ته اهو روئڻ لڳو ۽ چيو ته اوهان ٻن ڏينهن کانپوءِ ماني گهري رهيا آهيو. ان تي مان حيران ٿيس ۽ چيو ته مان ته ڪلهه رات سمهيو هيس، ته هن چيو ته اوهان ٻه ڏينهن اڳ سمهيا هيا. اداڪار ٻڌايو ته منهنجي زندگيءَ ۾ هڪ تبديلي آئي هن ٻڌايو ته واقعي مان هوش ۾ نه هيس، بس ان ڏينهن فيصلو ڪيو ته اڳتي نشو نه ڪندس.