ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان شوبز جي مشهور اداڪارا عروه حسين چيو آهي ته مونکي سونيا حسين طرفان موڪليل ڪنهن نوٽيس بابت علم ناهي. ويجهڙ ۾ نئين فلم “ٽچ بٽن” ذريعي پروڊيوسر طور ڊيبيو ڪندڙ عروه حسين هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته اداڪارا سونيا حسين طرفان ڏنڊ جي دعويٰ کان لاعلمي جو اظهار ڪري ڇڏيو. شو جي ميزبان عروه کان سوال ڪيو ته خبرون اچي رهيون آهن ته اوهان هن وقت تائين سونيا حسين کي ٽچ بٽن جو معاوضو ادا ناهي ڪيو جنهن تي هن اوهان کي نوٽيس موڪليو آهي. جنهن تي عروه حيران ٿي چيو ته مونکي ان بابت ڪا معلومات نه آهي اوهان کان ٻڌي رهي آهيان. اداڪارا ٻڌايو ته ٽچ بٽن ڪيترن ئي سالن کان رليز جي مرحلي ۾ هئي پهريان ڪووڊ سبب فلم جي شوٽنگ متاثر ٿي ۽ ان کانپوءِ رليز ۾ ڪيترائي سال لڳي ويا، ٽيم گهڻي محنت ڪئي آهي ۽ سڀني کي خبر آهي ته هي ننڍي انڊسٽري آهي اسان ڪجهه ئي ماڻهو آهيو ته فلم ٺاهڻ ۽ ان کي رليز ڪرڻ ان ۾ وقت لڳندو آهي شايد سونيا کي ڪا غلط فهمي ٿي آهي.