سڊني(اسپورٽس نيوز) اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر سائمن اوڊانل دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت آسٽريليا ۾ ٽيسٽ ميچ کيڏڻ لاءِ ڳالهيون ڪري رهيا آهن. هڪ ٽي وي پروگرام ۾ سائمن اوڊانل آسٽريليا ۾ پاڪ ڀارت ٽيسٽ ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي. اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر چيو ته آسٽريليا ۾ ٽيسٽ ميچ کيڏڻ جي حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي، ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ واري ڪامياب ميچ کانپوءِ ڳالهيون شروع ٿيون، ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪ-ڀارت ميچ دوران ميلبرن ۾ 90 هزار کان وڌيڪ تماشائين ميچ ڏٺي، ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪ-ڀارت ميچ غير معمولي رهي. سائمن اوڊانل چيو ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ هن وقت تائين ماڻهو ان ميچ جو حوالو ڏئي رهيا آهن، اها هڪ اعليٰ معيار جي ميچ هئي جنهن ۾ دٻاءُ به هو ۽ سنسني خيز به هئي. هن چيو ته مان اهو چئي سگهان ٿو ته ٽيسٽ لاءِ ڳالهيون ٿينديون بلڪ ڳالهيون ٿي ويون هونديون، اهو به ممڪن آهي ته پاڪ، ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽه ملڪي سيريز ٿئي، اهو به ممڪن آهي ته صرف پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٽيسٽ ميچ ٿئي.