ڪراچي (رپورٽ: اياز بروهي ) نيب ڪراچي جي ريجنل بورڊ 12.6 ارب رپين جي ڪرپشن بابت 4 ڪيسن جي جاچ توڙي ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ان ڏس ۾ ڊاڪٽر نجف مرزا جي صدارت هيٺ ٿيل بورڊ جي اجلاس ۾ فشر مين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي اڳوڻي چيئرمين ڊاڪٽر نثار احمد مورائي پاران آمدني کان وڌيڪ 20 ڪروڙن جا اثاثا ٺاهڻ خلاف ريفرنس جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ ڪي پي ٽي جي آفيسرز پاران سمنڊ مان واري توڙي گندگي جي صفائي ۽ سمنڊ مان مليل زمين (ري ڪليم ڪيل) جي ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي کي الاٽمينٽ وارن معاملن ۾ 12.2 ارب رپين جي بيقاعدگين بابت ريفرنس نيب چيئرمين کي موڪلڻ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ اڳوڻي ايم پي اي ڪامران اختر ۽ بين خلاف اختيارن جي ناجائز استعمال، سرڪاري زمين شادي هالن توڙي پيٽرول پمپن کي ليز ڪرائڻ واري معاملي جي انڪوائري کي جاچ ۾ بدلائڻ جي منظوري ڏني وئي. نيب بورڊ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اڳوڻي ڊي جي افتخار قائمخاني ۽ ٻين خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري معاملي جي انڪوائري پڻ جاچ ۾ بدلائڻ جي نيب چيئرمين کي سفارش ڪري ڇڏي آهي.