حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي پريٽ آباد واري علائقي ۾ عورت تي مبينا طور ساهرن جو تشدد، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل، ٻڌايو پيو وڃي ته ثناءَ نالي عورت کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اڻڄاتل ماڻهو سول اسپتال ۾ علاج لاءِ داخل ڪرائي ويا آهن. متاثر عورت ثناءَ هوش ۾ اچڻ بعد سول اسپتال جي انتظاميا کي بيان ڏنو آهي ته کيس سهري سميت چئن ڄڻن تشدد جو نشانو بڻايو آهي. انتظاميا جو چوڻ آهي ته متاثر عورت جا وارث سول اسپتال ۾ نه پهتا آهن جنهن ڪري عورت لاوارث طور داخل ٿيل آهي، ٻي طرف پوليس ڄاڻايو آهي ته جنهن علائقي ۾ عورت تي تشدد ٿيو آهي اهو علائقو پڃاري ٿاڻي جي حد ۾ اچي ٿو. پڃاري پوليس جي دعويٰ آهي ته پريٽ آباد جو هڪ پاسو سندن حد ۾ اچي ٿو جڏهن ته ٻيو پاسو ڦليلي ٿاڻي جي حد ۾ اچي ٿو ان ڪري ڄاڻايل عورت بابت وٽن ڪا به ڄاڻ نه آهي.