اسلام آباد (بيورو رپورٽ)  ناڻي وزارت قومي اسيمبلي ۾ تفصيل پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪ جو ڏيوالو ٿيڻ جو خطرو ناهي، پاڪستان ۾ غير ملڪي مٽا سٽا جا ڪل ذخيرا 13 ارب 72 ڪروڙ 10 لک ڊالر کان وڌيڪ آهن، 11 اپريل کان 30 سيپٽمبر تائين حڪومت کي امداد جي مد 5 ارب، 66 ڪروڙ 58 لک ڊالر  مليا،قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت ۾ ٿيو، ناڻي وزارت قومي اسيمبلي ۾ 4 نومبر تائين ملڪي مٽا سٽا جي ذخيرن جا تفصيل پيش ڪيا، پاڪستان ۾ ڪل غلير ملڪي مٽا سٽا جي ناڻي جي ذخيرا 13 ارب 72 ڪروڙ 10 لک ڊالر کان وڌيڪ آهن، جن ۾  اسٽيٽ بينڪ وٽ ڪل غير ملڪي مٽا سٽا جي ناڻي جا ذخيرا 7 ارب 95 ڪروڙ 70 لک ڊالر کان وڌيڪ آهن، ڪمرشل بينڪن وٽ 5 ارب 76  ڪروڙ 40 لک ڊالر غير ملڪي مٽا سٽا جي ناڻي جا ذخيرا موجود آهن، موجوده حڪومت کي مليل قرضن ۽ امداد جا تفصيل به قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيا ويا، 11 اپريل کان 30 سيپٽمبر 2022ع تائين حڪومت کي امداد ۽ قرضن جي مد ۾ 5664.83 ملين ڊالر مليا، قرضن جي صورت ۾ 5609.92 ملين ڊالر ۽ امداد جي صورت ۾ 55.92 ملين ڊالر مليا، ناڻي جي مملڪتي وزير عائشا غوث پاشا چيو ته ڊالر هن وقت فري مارڪيٽ ٿي ويو آهي، ڪجهه اهڙا اشارا مليا آهن ته ڊالر جي قدر گهٽ وڌ ٿيڻ ۾ بينڪون ملوث هيون، اسٽيٽ بينڪ ڪارروائي ڪندي،  هن چيوته ملڪ اندر اڌ کان وڌيڪ معيشت ڊاڪومينٽيڊ نه آھي ملڪ ۾  اڌ کان وڌيڪ ڪاروبار بنا ٽيڪس جي هلي رهيا آهن، ايف بي آر کي پنهنجي پاليسي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي، ايف بي آر کي نون ٽيڪس نه ڏيندڙن کي رجسٽرڊ ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته ملڪ ڊفالٽ ٿيڻ جو ڪو خطرو ناهي، جڏهن حڪومت ۾ آياسين ته ڊفالٽ جا بادل ڇانيل هئا، حڪومت ۾ آياسين ته آءِ ايم ايف جو پروگرام بند هو هاڻي شروع ٿي چڪو آهي، واپار وزارت پاران لکت ۾ پيش ڪيل جواب ۾ قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته آزاد تجارتي معاهدن تحت پاڪستان جو افغانستان سان ڪو معاهدو غور هيٺ نه آهي، فري ٽريڊ ايگريمينٽ تحت 2017ع کان ايران سان ڳالهيون جاري آهن، ڳالهين جو چوٿون دور 2019ع ۾ ٿيو، واپار جي وفاقي وزير سيد نويد قمر قومي اسيمبلي کي  ٻڌايو ته ايران سان واپار لاءِ ڳالهيون شروع ڪيون  هيون، پابندين جي ڪري ڳالهيون اڳتي وڌي نه سگهيون، جيئن ئي پابنديون ختم ٿينديون ته ڳالهين کي اڳتي وڌائي سگهجي ٿو، قومي اسيمبلي ميمبر سائره بانو جي سوال تي پارلياماني مامرن جي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي کيس ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو، سائره بانو چيو ته منهنجو تعلق مسلم ليگ (ن) سان ناهي جو مان ڪوڙ ڳالهايان.