نالو وڏو ديهه ويران، بٽلر، باووما، امام، برووڪ، مشفيق، ليٿم، ووڊ،ٺيڪشانا، شاداب، حارث ۽ مستفيض کوٽا سڪا ثابت، عالمي ڪپ ۾ فلاپ

0
213
نالو وڏو ديهه ويران، بٽلر، باووما، امام، برووڪ، مشفيق، ليٿم، ووڊ،ٺيڪشانا، شاداب، حارث ۽ مستفيض کوٽا سڪا ثابت، عالمي ڪپ ۾ فلاپ
نالو وڏو ديهه ويران، بٽلر، باووما، امام، برووڪ، مشفيق، ليٿم، ووڊ،ٺيڪشانا، شاداب، حارث ۽ مستفيض کوٽا سڪا ثابت، عالمي ڪپ ۾ فلاپ

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جي تيرنهون ايڊيشن گذريل ڏينهن ڪيئي يادگار لمحن ۽ آسٽريليا جي فتح سان پڄاڻي تي پهتو، جتي ڪيئي رڪارڊ جڙيا، اتي ئي ڪجهه رانديگرن لاءِ هڪ ورلڊ ڪپ ڀوائتو خواب ثابت ٿيو. اسان ڪجهه اهڙن رانديگرن جي ڪارڪردگي جو گهرائي سان جائزو وٺنداسين جيڪي هن ٽورنامينٽ ۾ سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو نه ڪري سگهيا. اچو ته ون ڊي ورلڊ ڪپ 2023 جي فلاپ اليون يعنيٰ اهي يارنهن رانديگر ڪير آهن جيڪي ميگا ايونٽ ۾ ٻوٽو نه ٻاري سگهيا

ان فهرست ۾ ڏکڻ آفريڪي ڪپتان ٽيمبا باووما جو نالو يقينن ورلڊ ڪپ ڏسڻ واري ڪنهن مداح لاءِ حيران ڪندڙ نه هوندو، باووما هن سال پنهنجي نالي چئن سينچرين سان ڪرڪيٽ جي مها ميلي ۾ آيو پر ڪا به متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ناڪام رهيو. رانديگر اٺ ميچن ۾ 18 ڏهائي 12 جي ايوريج سان رڳو 145 رنسون ٺاهيون. پاڪستان جي اوپنر بيٽر امام الحق ورلڊ ڪپ جي شروعات کان ڏيڍ مهينو اڳ آءِ سي سي پليئرز رينڪنگ ۾ ٽئين نمبر تي هيو، ان ڪري هن مان سٺي ڪارڪردگي جي اميد هئي پر هن  ميگا ايونٽ دوران ڀرپور موقعو ملڻ باوجود به پنهنجي صلاحيتن سان انصاف نه ڪري سگهيو

امام ڇهن ميچن ۾ 27 جي ايوريج سان 162 رنسون ٺاهيون. ڪرڪيٽ جي دنيا جي بهترين نوجوان رانديگرن منجهان هڪ انگلش ٽيم جي هيري برووڪ به عالمي ڪپ ۾ پنهنجي هاڪ ويهارڻ ۾ ناڪام رهيو، هن ڇهن ميچن ۾ 28 جي ايوريج سان 169 رنسون ٺاهيون. ورلڊ ڪپ جي سڀ کان سينيئر رانديگرن منجهان هڪ ۽ ڪيريئر جو پنجون عالمي ڪپ کيڏندڙ بنگلاديش جي مشفيق الرحيم جو ڳاڻيٽو به بدقسمتيءَ سان عالمي ڪپ جي فلاپ اليون ۾ ٿيندو آهي

بنگلاديشي مداحن تميم اقبال جي اسڪواڊ مان ٻاهر ٿيڻ کانپوءِ سموريون اميدون مشفيق الرحيم سان سلهاڙي ڇڏيون هيون، پر هو سندن اميدن تي پورو نه لهي سگهيو.ڪرڪيٽر نوَ ميچن ۾ 25 ڏهائي 25 جي ايوريج سان رڳو 202 رنسون ٺاهڻ ۾ ڪامياب رهيو. نيوزيلينڊ جو ٽام ليٿم ڪيوي ڪپتان ڪين وليمسن جي غيرموجودگي ۾ نيوزيلينڊ جي شاندار قيادت ڪندڙ وڪيٽ ڪيپر بيٽر ٽام ليٿم به بيٽر طور ناڪام رهيو هن اٺ اننگز ۾ 25 ڏهائي 83 جي ايوريج سان 155 رنسون ٺاهيون.انگلينڊ  جي جوز بٽلر لاءِ به ٽورنامينٽ انتهائي مايوس ڪندڙ رهي

2019ع ورلڊ ڪپ جي هيرو هن سال ڪا به غيرمعمولي ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ناڪام رهيو.، بٽلر ٽورنامينٽ ۾ 15 ڏهائي 33 جي ايوريج سان صرف 138 رنسون ٺاهيون. پاڪستان جو اهم آل رائونڊر هئڻ باوجود 24 ورهين جو شاداب خان بيٽنگ ۽ بالنگ ۾ ناڪام رهيو.شاداب ڇهن ميچن ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪندي 121 رنسون ٺاهيون ۽ رڳو ٻه وڪيٽون حاصل ڪري سگهيو

ايشز 2023 ۾ شاندار ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪندڙ انگلش ڪرڪيٽر مارڪ ووڊ کي ٽورنامينٽ ۾ ڪجهه وڏو ڪرڻ جو يقين هيو پر فاسٽ بالر 54 اوورن ۾ 349 رنسون ڏئي ستن ميچن ۾ رڳو ڇهه وڪيٽون حاصل ڪري سگهيو.بنگلاديش جي سڀ کان تجربيڪار فاسٽ بالرن منجهان هڪ مستفيض الرحمان کي پنهنجي ٽيم جي پيس اٽيڪ جي ذميواري سونپي وئي هئي پر ورلڊ ڪپ دوران سندس لاءِ ڏکيائيون پيدا ٿيون ڇو ته هو وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ رڳو پنج وڪيٽون وٺي سگهيو

سريلنڪا جو بهترين اسپنر مهيش ٺيڪشانا بي شڪ ايشيا ڪپ 2023ع ۾ هيمسٽرنگ انجري سبب واپس آيو پر هو ٽورنامينٽ ۾ نئين بال سان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ ۽ سريلنڪا لاءِ وچ وارن اوورن ۾ وڪيٽون وٺڻ ۾ ناڪام رهيو.هو 71 ڏهائي 2 اوورن ۾ 382 رنسون ڏئي رڳو ڇهه وڪيٽون حاصل ڪري سگهيو. پاڪستان جو فاسٽ بالر حارث رئوف ورلڊ ڪپ ۾ 15 وڪيٽون حاصل ڪيون پر هتي اهم ڳالهه اِها آهي ته حارث رئوف ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي بهترين ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيو