نااهلي لڪائڻ لاءِ ،مذهبي ڪارڊ جو استعمال

0
195
مني بجيٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي مقرري

اسلام آباد ۾ اسان جو سٺو صحافي دوست ناصر جمال آهي جيڪو پنهنجي لکڻين ۾ اردو زبان جا ڪمال جا شعر استعمال ڪندو آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ هن پنهجي لکڻي ۾ اردو زبان جي شاعر جون ايليا جو هڪ شعر لکيو.

گذشته عهد گذرني هي مين نهين آتا،يه حادثه ڀي لکو معجزون ڪي خاني مين

جو رد هوئي ٿي جهان مين ڪيئي صدي پهلي،وه لوگ هم په مسلط هين اس زماني مين

ھي شعر پڙهڻ کان پوءِ سمجھه ۾ اچي ٿو ته جون ايليا جهڙي شاعر ان وقت ڪهڙي سوچ سامهون رکي اهڙو شعر لکيو، جنهن ۾ هن جن خطي ۾ صدين کان اقتداري سياست ڪندڙ حڪمرانن ۽ شخصيتن جي عڪاسي ڪئي،هن شعر لکڻ وقت شايد جون ايليا کي اها خبر هئي ته مستقبل ۾ به اهڙا ئي حڪمران ايندا جيڪي ماضيءَ جي حڪمرانن کان مختلف نه هوندا.

موجوده حڪمرانن جي ڳالھه ڪيون ته هنن ماڊرن طريقي سان مذهب جو ڪارڊ استعمال ڪيو آهي، هر وقت چاهي وزير اعظم عمران خان هجي يا ڪو وفاقي وزير هجي ان عوامي گڏجاڻين ۾ پنهجي تقرير جي شروعات مديني جي رياست کان ڪندي مديني جي رياست جي لفظ تي ختم ڪئي. ان وچ ۾ اپوزيشن مٿان تنقيد انهن جي تقريرن جو حصو رهي آهي،رياست مدينا اندر جيڪي به سرڪاري عهديدار شخصيتون هيون انهن جي ڪردار تي ڪو به آڱر نه کڻي سگهندو هو بلڪه انهن جي ڪردار جي تعريف ۽ قول فعل ۾ هڪجهڙائي سبب انهن جي هن دنيا مان  وڃڻ باوجود انهن جي عزت ۽ احترام ۾ گهٽتائي ناهي آئي.

انهن جي ڀيٽ ۾ اسانجي پياري ملڪ ۾ مديني جي رياست جو نعرو هڻي تبديلي جا عوام سان وعدا ڪري اهڙي ته عوام سان جٺ ڪئي وئي  آهي جو هاڻي اهو عوام جيڪو سندس  حق ۾ نعرو هڻندو هو اهو به سوچي رهيو آهي ته ڪيئن هي حڪمران پنهنجي نااهلي ۽ بيڊ گورننس کي لڪائڻ لاءِ مديني جي رياست جو لفظ استعمال ڪري رهيا آهن. انهن جي ان لفظ استعمال مان لڳي ٿو ته هي جديد طريقي سان مذهب جو ڪارڊ استعمال ڪري رهيا آهن.

اڪثر اهو ٻڌندا رهيا آهيون ته اهو ڪم نه ڪجي جيڪو پنهنجي ڪرڻ کان اوکو هجي، پر هتي اسانجا حڪمران هر اهو ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا جيڪو ڪرڻ سندن  وس جي ڳالھه ناهي، رياست مدينا قائم ڪرڻ جو نعرو اخلاقي طور هنن کي استعمال نه ڪرڻ گهرجي. وزير اعظم جي ٽيم  ۾ شايد ڪو اهڙو ماڻهو هوندو جيڪو ڪرپشن جي الزامن ۾ نيب  يا وري ٻين عدالتن جا ڪيس نه ڀوڳيندو ھجي، سڀ کان پهريان نالو کڻون ٿا جهانگير ترين جو جنهن جي مٿان اڄ کان نه گذريل ويھه سالن کان اعتراض ۽ الزام لڳندا اچن ٿا ته هو ٽيڪس چوري ڪندڙ صنعتڪار آهي.

عليم خان جيڪو پنجاب اسيمبلي جو چونڊيل ميمبر ته آهي پر هن به ريئل اسٽيٽ جي نالي تي ڪيل ڪاروبار ۾ ڇا نه ڪيو آهي. سندس  جنهن به منصوبي کي کڻي ڏسجي ته ان ۾ ڪرپشن جي انتها ٿيل آهي. ان کان علاوه زمين جو قبضو نه ملڻ سبب اتي خونريزي الڳ سان ڪيل اٿس، فواد چوڌري جو نالو کڻي ڏسجي ته هن جي باري ۾سينيئر قانوندان حامد خان پنهجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته هو پنهجي چاچي جي دور ۾ جڏهن هو لاهور ھائيڪورٽ جو جج هو ان وقت کلي عام فيصلا حق ۾ ڏيارڻ لاءِ عدالت ٻاهران ڊيل ڪندو هو.

اھڙي طرح شهزاد وسيم، اعظم سواتي، قومي اسيمبلي ۾ ويٺل پي ٽي آئي جا ميمبر جيڪي هونئن به ڪا سياسي ۽ عوامي فلاح جي سوچ رکندڙ نه هئا انهن جي آسري تي همراهه ملڪ ۾ مديني جي رياست قائم ڪرڻ هليو آهي. جڏهن ته اصل مديني جي رياست ۾ جيڪي  شخصيتون هيون انهن جي ڪردار سبب مديني جي رياست قائم ٿي. هي حڪمران جماعت ان نعري کي مذهبي ڪارڊ طور استعمال ڪري رهي آهي ته جيئن عوام ان نعري ۾ اچي ۽ انهن کان ڪو سوال نه ڪري، پر سوال ڪرڻ وارا ڪندا رهن ٿا.

انهن کان پڇن ٿا ته مديني جي رياست ڪڏهن قائم ٿيندي، ان ۾ سچا، کرا ۽ ڪردار جا صاف ماڻهو شامل ڪڏهن ٿيندا، مديني جي رياست ۾ جادو ٽوڻي وارا عمل نه هلندا هئا.اسانجي اسلامي تاريخ جي پهرين چئن خليفن جو دورهجي يا وري انهن کان پوءِ جو دور هجي، ان ۾ طرز حڪمراني ايتري ته  سادي ۽ عوام کي پسند هئي جو عوام ان عمل کي پاڻ تي استعمال ڪندو هو ته پر پاڪستان جي مديني واري رياست ۾ حڪمران ۽ وڏن عهدن وارا پنهجي بچاءَ لاءِ وڏا وڏا سيڪيورٽي جا اٽالا گڏ کڻي نڪرن ٿا. جڏهن ته اصلي مديني جي رياست ۾ نيڪ ۽ ڪردار جا مضبوط حڪمران رات جو ويس بدلائي عوام جا مسئلا  ڳوليندا هئا راتين جو رب کي راضي ڪرڻ لاءِ عبادتون به ڪندا هئا ۽ ڏينهن جو عوام کي ريليف ڏيڻ لاءِ ڪم به جاري رکندا هئا پر اسان وٽ نه رات جي خبر آهي نه ڏينهن جي، ان جو مثال اهو آهي جو پندرنهن آڪٽوبر تي پيٽرول جي شين جي قيمتن ۾ واڌ جو جيڪو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو اهو تقريبن اٺ کان نو ڪلاڪ دير سان جاري ڪيو ويو. ان دوران مديني جي رياست جي دعويدار حڪمرانن جي وزيرن ڀرپاسي وارن ملڪن ۾ پيٽرول جا اگهه وڌيڪ هجن جا ٽوئيٽس ڪرڻ شروع ڪيا.

صبح جي وقت جاري ڪيل ان نوٽيفڪيشن جي اڪثر پيٽرول پمپ مالڪن کي به خبر نه هئي، هو  پراڻي ريٽ تي پيٽرول وڪرو ڪندا رهيا. جڏهن انهن کي خبر پئي ته هو هن کي ڏوراپو ڏيندا رهيا ته ڪهڙا حڪمران آهن جيڪي هڪ اسلامي رياست جي مثال ته ڏئي رهيا آهن پر ان تي عمل نٿا ڪن. هن حڪومت جو اهو عمل پهرين ڏينهن کان رهيو آهي ته هميشه پنهجي پروجيڪشن ڪرڻي آهي جيڪڏهن انهن کي خراب چوندو يا وري انهن مٿان تنقيد ڪندو ته انهن کي سوشل ميڊيا جي مختلف ويب سائيٽس تي ايترو ته خوار  ڪيو وڃي ٿو جو هو ٿڪجي  وڃي جاچ لاءِ ايف آئي اي جي آفيس پهچن ٿا پر اتي به جادو ٽوڻي واري جي پيروي ڪندڙ ويٺا هوندا آهن جيڪي اڪثر اهڙيون شڪايتون کڻي ايندڙن کي هڪ ئي جواب ڏيندا آهن ته درخواست گذار مٿان جن سوشل ميڊيا اڪائونٽس ذريعي تنقيد ڪئي وڃي ٿي اهي پاڪستان مان نه پر دنيا جي ٻين ملڪن مان آپريٽ ڪيا وڃن ٿا.اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ته عوامي مسئلن تي ڳالهيون نه ٿيون ڪيون وڃن پر سوشل ميڊيا ۾ به تبصرا نه ٿا ٿين.

جڏهن ته ويجهي ماضيءَ ۾ پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ جون جيڪي حڪومتون جڙيون پهرين ڏينهن کان انهن مٿان تنقيد شروع ٿي انهن جمهوري روايتن جي خيال رکندي اظهار راءِ جي آزادي واري اصول جي ڀڃڪڙي نه ڪئي، پر هنن ته سڀ ريڪارڊ ٽوڙي واقعي ئي تبديلي آندي آهي. قانونسازي ڪرڻ بجاءِ هنن جو زور آرڊيننس آڻڻ تي آهي، گورننس ظاهر ڪرڻ بجاءِ زور مديني جي رياست تي آهي، مديني جي رياست قائم ڪرڻ جي دعوا ته آهي پر ان رياست کي قائم ڪرڻ لاءِ قول ۽ فعل ۾ تضاد آهن، اھڙي صورت ۾ ڪجهه عرصي لاءِ سياسي ميدان ۾ ڪاميابي ته ماڻي سگهجي ٿي پر اها ڪاميابي مستقل هلڻ بجاءِ ناڪامي کي سامھون آڻيندي.

ملڪ ۾ مديني جي رياست قائم ڪرڻ جي دعويٰ صرف هڪ سياسي نعرو لڳي ٿو ان تي حڪمران پاڻ عمل نٿا ڪن ته هڪ عام ماڻهو ڪيئن عمل ڪندو؟ مديني جي رياست وارن جو ايمان ايترو ته پڪو هو جو اتي جادو ٽوڻي جو سوال ئي پيدا نه ٿيندو هو ان رياست ۾ صرف ۽ صرف الله جي زمين تي الله جو نظام قائم ڪرڻ، انسانن منجهه ڪو به فرق پيدا نه ڪرڻ سميت معاشري کي بهتر ڪرڻ ۽ شهرين کي رليف ڏيڻ جي اصولن تي عمل ڪيو ويندو هو. اسان جي ملڪ ۾ عوام کي رليف ڏيڻ ته پري جي ڳالھه آھي انهن جي باري ۾ سوچيو نه پيو وڃي، هر ڪم ۾ ڪا نه ڪا غلطي ڪري پاڻ کي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

تازو ئي آئي ايس آئي جي ڊي جي جي مقرري واري مامري تي فوج جي ترجمان اداري جيڪا نئين ڊي جي جي مقرري جي خبر جاري ڪئي، ان مطابق هن وقت تائين نئون ڊي جي چارج سنڀالي چڪو هجي ها پر چوڻ وارا چون ٿا ته نئين ڊي جي آئي ايس آئي جي مقرري نه ڪرڻ ۾ جادوئي مامرن جو هٿ آهي يا وري وزيراعظم کي اهو چيو ويو آهي ته موجودہ ڊي جي اوهان جي حق ۾ بهتررهندو، ان لاءِ مقرري ۾ تاخير ڪئي پئي وڃي. ٻه ڏينهن اڳ اين سي او سي جي  ڪارڪردگي بابت اجلاس ٿيو جنهن جي صدارت وزير اعظم عمران خان ڪئي ۽ ان ۾ آرمي چيف ۽ ڊي جي آئي ايس آئي سميت ٻين شرڪت ڪئي، اهو اجلاس ڊي جي آئي ايس آئي جي مقرري واري مامري کانپوءِ پهريون اجلاس هو جنهن ۾ سموري قيادت گڏ ٿي.

چوڻ وارا چون ٿا ته ڊان ليڪس واري مامري تي نواز شريف سان جيڪو غير جمهوري رويو اختيار ڪيو ويو ساڳيو رويو وزير اعظم سان ڊي جي آئي ايس آئي واري  مامري تي اختيار ڪري سگهجي ٿو، ٻئي حال احوال رکندڙ اهو ٻڌائين ٿا ته جيڪڏهن ٻنهي قوتن منجهه جيڪڏهن ٽڪراءُ جي صورتحال پيدا ٿي ته گهڻو ڪجهه جيڪو پردي پٺيان لڪل آهي اهو منظر عام تي اچي سگهي ٿو.

گذشته عهد گذرني هي مين نهين آتا،يه حادثه ڀي لکو معجزون ڪي خاني مين

جو رد هوئي ٿي جهان مين ڪيئي صدي پهلي،وه لوگ هم په مسلط هين اس زماني مين