نئون ڪوٽ/نفيس ننگر (نمائندن وٽان) ٽي ڏينهن اڳ نئون ڪوٽ ڀرسان 16 ميل موري وٽ پراسرار نموني فوت ٿيل ناري نيمون راجپوت واري مامري ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي، ناري جي پوسٽ مارٽم لاءِ ورتل جزا نئون ڪوٽ پوليس اسٽيشن تي پيل آهن. جڏھن ته ناري جي قتل جي ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايل جوابدار علي حيدر سميت ناري جي مڙس جو سئوٽ غلام مصطفيٰ گذريل ٽن ڏينهن کان نامعلوم هنڌ تي نئون ڪوٽ پوليس جي حراست ۾ پوليس گرفتاري ظاهر ڪرڻ کان لنوائڻ لڳي. پوليس موجب اسان جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهيا آھيون جوابدار ڌر گهر خالي ڪري وئي آھي ناري جا ورتل جزا گذريل ڏينهن اسان کي ڊاڪٽر موڪليا آھن جيڪي اڄ موڪلينداسون. پراسرار نموني فوت ٿيل ناري جي پيءُ تنوير راجپوت پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته نئون ڪوٽ پوليس ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪيو آھي جن کي ظاهر نه پئي ڪري منهنجي نياڻي کي مڙس، سس ۽ ڏير گڏجي قتل ڪيو آھي جنهن بعد نياڻي جا قاتل مڙس ۽ سس گهر ڇڏي ڀڄي ويا آھن نئون ڪوٽ پوليس مون کي ٿاڻي تي گهرائي انصاف جي خاطري ڪرائي آهي. هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول هلندڙ آھن ته نئون ڪوٽ پوليس علائقي واسين ذريعي ٻنهي ڌرين ۾ راڄوڻي ٺاهه ڪرڻ جي ڪوششن ۾ لڳل آھي جنهن جي ڪري هن مامري ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي آھي.