ميرپورخاص (رپورٽر) ميرپورخاص جي عدالت اغوا ڪيس ۾ نامزد پوليس انسپيڪٽر مشهور ملڪاڻي جي عدالت 50 هزارن جي مچلڪن عيوض عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي. تعلقي ٿاڻي جي حد پبلڪ اسڪول ويجهو ڳوٺ حسن بخش ملڪاڻي جي رهواسي جوڙي نعمان ملڪاڻي ڳوٺ جي وڏيري بشير احمد ملڪاڻي جي نياڻي سان عدالت ۾ پسند جي شادي ڪئي جن کي عدالت پوليس کي کين تحفظ ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن بعد جوڙي جي مائٽن ۾ مسلسل تڪرار هلندڙ هو، هڪ ڏينهن اڳ انهي تڪرار جي فيصلي ۾ بدنظمي ٿيڻ بعد هڪ ڌر جي علي مردان ملڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پبلڪ اسڪول روڊ وٽ پوليس اهلڪار مشهور ملڪاڻي ۽ ٻين خلاف ڳوٺ مان لڏائڻ ۽ اغوا ڪرائڻ جون ڌمڪيون ملڻ خلاف احتجاج ڪيو هو، جنهن بعد علي مردان پٽ بشير احمد ملڪاڻي جي فرياد تي پوليس انسپيڪٽر مشهور ملڪاڻي خلاف سندس پٽ علي جان کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش جي قلم تحت تعلقي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو ويو، جنهن بعد الزام هيٺ آيل پوليس اهلڪار ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ مان 50 هزارن جي مچلڪي عيوض 27 مئي تائين عبوري ضمانت حاصل ڪري ورتي.