نئون ديرو (ن پ ا) نئون ديرو شهر جي ڊگري ڪاليج ڀرسان گهٽيءَ ۾ مٽي لاهڻ تان مزدورن ۽ ڀٽا برادري جي ماڻهن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 4 ڄڻا غلام مصطفيٰ ڀٽو، سونو ڀٽو، غلام رسول ڀٽو ۽ مجاهد شر زخمي ٿي پيا. زخمين کي اسپتال نيو ويو.