ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون 23 آڪٽوبر تي ڪرائڻ بابت لکت ۾ جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڪالهه جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ پاران مڪاني چونڊن ۾ دير ڪرڻ خلاف داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جي وڪيل عدالت کي ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون 23 آڪٽوبر تي ٿينديون، جنهن تي عدالت اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کي مخاطب ٿي چيو ته اسان کي لکت ۾ چونڊون ڪرائڻ بابت يقين ڏياريو وڃي. ان موقعي تي پي ٽي آءِ جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته اليڪشن ڪميشن 24 جولاءِ تي رٿيل مڪاني چونڊون ڄاڻي واڻي ملتوي ڪيون جڏهن ته اليڪشن ڪميشن ان کان اڳ پاڻ چيو هو ته ايترو خرچ ٿي چڪو آهي، تنهن ڪري چونڊون ملتوي نٿا ڪرائي سگهون. جماعت اسلامي جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب سياسي مفادن لاءِ سرڪاري مشنري استعمال ڪري رهيو آهي، کيس سرڪاري مشنري استعمال ڪرڻ کان روڪيو وڃي. اليڪشن ڪميشن بيلٽ پيپرز رٽرننگ آفيسرن کي موڪلي ڇڏيا هئا، جنهن ڪري بيلٽ پيپرز کي محفوظ بنائڻ جو حڪم ڏنو وڃي. عدالت اليڪشن ڪميشن کي ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون 23 آڪٽوبر تي ڪرائڻ بابت لکت جو جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.