ڪراچي (رپورٽ: اياز بروهي ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف چيف جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ڪمند جو اگهه مقرر ڪري پهرين آڪٽوبر کان شگر ملز هلائڻ لاءِ داخل ڪيل درخواست تي سنڌ حڪومت، ڪين ڪمشنر  ۽ ايڊووڪيٽ جنرل کي نوٽيس جاري ڪري  30 سيپٽمبر  تي جواب طلب ڪري ورتو آهي، وڪيل ۽ آبادگار مريد علي شاهه ۽ سنڌ گروئرز الائنس جي مير زبير ٽالپر پاران داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سنڌ ۾ برساتن تباهي آڻي ڇڏي آهي، سمورا فصل متاثر ٿيا آهن،  خاص طور ساريون ۽ وونئڻ تباهه ٿي ويا آهن، سنڌ حڪومت  نئين پوکجندڙ ڪڻڪ جو امدادي اگهه 4000 رپيا مڻ ته مقرر ڪري ڇڏيو آهي جيڪا پاڻي  نيڪال  ٿيڻ بعد ئي پوکي ويندي، هن وقت ڪمند جو فصل تيار آهي، جنهن جي سرڪار اڃا قيمت مقرر ناهي ڪئي ۽ نه ئي شگر ملز هلائڻ جو ڪو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، شگر ڪين ايڪٽ واري قانون مطابق سنڌ ۾ پهرين آڪٽوبر تي شگر ملز هلڻ گهرجن،ان کان اڳ ڪمند جو اگهه مقرر ڪرڻ گهرجي پر هن وقت تائين سنڌ حڪومت ڪمند جو اگهه مقرر نه ڪيو آهي ۽ نه ئي شگر ملز هلائڻ لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي، عدالت کي استدعا آهي ته سنڌ حڪومت کي فوري طور تي ڪمند جو اگهه مقرر ڪري شگر ملز هلائڻ جو حڪم ڏنو وڃي.