نوشهره (م ڊ) مڪاني چونڊن ۾ ڪاميابي جي خوشي ۾ هوائي فائرنگ  ڪندڙ پرويز خٽڪ جي پٽ تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڪي پي جي ضلعي نوشهره جي پوليس بچاءُ واري وزير پرويز خٽڪ جي پٽ اسحاق خٽڪ خلاف هوائي فائرنگ ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته اسحاق خٽڪ مڪاني ادارن جي چونڊ کٽڻ تي هوائي فائرنگ ڪئي هئي.