ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان جي مشهور اداڪارا، ميزبان ۽ ماڊل مٿيرا پي ٽي آءِ چيئرمين جي مريم نواز بابت ڏنل بيان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. مٿيرا پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري ۾ چيو آهي ته اهو ڳالهين جو سيشن هو يا جلسو؟ هن چيو ته اوهان اهڙي ريت ڪنهن عورت بابت ڪيئن ڳالهائي سگهو ٿا؟ هن سواليا انداز ۾ چيو ته الزام تراشي، طعنن جي راند ۽ مخالف ڌر تي حملا ڇو؟ واقعي اها وڏي احمقاڻي حرڪت هئي.