نيو يارڪ (شوبز نيوز) پاڪستان ميوزڪ انڊسٽري جي مشهور ڳائڻي حديقا ڪياني جي تصوير نيو يارڪ جي ٽائمز اسڪوائر تي لڳائي وئي آهي. حديقا ڪياني جي تصوير کي ٽائمز  اسڪوائر بل بورڊ تي آڊيو اسٽريمنگ سروس اسپاٽي فاءِ جي ايڪوئل پاڪستان لاءِ ايمبيسيڊر طور لڳايو ويو آهي. دنيا جي سڀ کان مشهور اسٽريمنگ سروس جي هن مهم جو مقصد عورت ڪريئيٽرز کي دنيا سان پنهنجو ڪم شيئر ڪرڻ لاءِ هڪ پليٽ فارم ڏئي سندن حوصلا افزائي ڪرڻ آهي. حديقا ڪياني ان عالمي مهم جو حصو آهي ۽ ان لاءِ نيو يارڪ ۾ ڊيجيٽل بل بورڊ تي لڳايل اشتهار ۾ ايڪوئل آرٽسٽ آف دي منٿ طور ڳائڻي جي تصوير لڳائي وئي آهي. ان حوالي سان حديقا ڪياني پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي ٽائمز اسڪوائر تي لڳايل تصوير شيئر ڪئي آهي. سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان حديقا ڪياني کي مبارڪون ڏنيون پيون وڃن.