مٽياري (رپورٽر) مٽياري ۽ آسپاس جي علائقن ۾ گيسٽرو جي مرض تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي. صحت کاتي مٽياري موجب ضلعي جي هيڊ ڪوارٽر واري شهر جي اسپتال ۾ 67 مريض گيسٽرو وگهي پهتا، جن مان 21 مريضن کي اسپتال داخل ڪيو ويو، جڏهن ته9 مريضن کي ڳڻتي جوڳي حالت هجڻ ڪري سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، داخل ٿيل مريضن ۾ گل ناز، سڪينه، حوا، برادي، ايمان فاطمه، شعبان علي، سڪندر، علي محمد، عاصيه، ابراهيم ۽ مجاهد شامل آهن، ٻئي ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر جو چوڻ هو ته پاڻي گندو واپرائڻ ۽ شديد گرميءَ سبب گيسٽرو ۾ واڌ ٿي وئي آهي، آيل مريضن ۾ ٻارڙن جو وڏو تعداد شامل آهي، عوام صاف پاڻي پئيڻ لاءِ واپرائين، جڏهن ته علاج لاءِ آيل مريضن جو چوڻ هو ته اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب هڪ بيڊ تي ٻه ٻه مريضن کي داخل ڪيو ويو آهي ۽ ڪيترن ئي مريضن کي ڊيسڪ تي ۽ ڪرسين تي ويهاري علاج ڪيو پيو وڃي، ٻئي اسٽور ۾ به عملو موجوده نه آهي جنهن سبب اسانکي دوائون نه پيون ملي سگهن.