مٽياري (رپورٽر) مٽياري ٿاڻي تي داخل ٿيل ڪيس ۾ اغوا ڄاڻايل ناري پرهه عدالت ۾ پيش ڪئي وئي، جنهن کي عدالت مڙس حوالي ڪري ڇڏيو، مسمات زرينه مٽياري ٿاڻي ڪيس داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته منهجي 22 ورهين جي ڌيءَ کي مير ۽ ٻيا اغوا ڪري کڻي ويو آهي جنهن تي پوليس ڪارروائي ڪندي اغوا ڄاڻايل پرهه کي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي پرهه پنهجو بيان رڪارڊ ڪرايو جنهن بعد ايڊيشنل سيشن جج هالا جي عدالت کيس مڙس مير ماڇي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.