مٽياريءَ جي اهم شخصيت جلال شاهه ڄاموٽ پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ سندرا ٻڌي ورتا

0
456

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ پي ٽي آءِ طرفان پنهنجَي ئي اتحادي جِي ڊِي اَي جا ماڻهو ٽوڙڻ جو سلسلو جاري، هالا جي مخدوم فضل حُسين کان پوءِ مٽياريءَ جي اهم شخصيت جلال شاهه ڄاموٽ پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ سندرا ٻڌي ورتا، اڳوڻي ايم پي اي ۽ جي ڊي اي اڳواڻ جلال شاهه ڄاموٽ جون ڪراچي ۾ گورنر عمران اسماعيل ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين سان ملاقاتون، جلال شاهه ڄاموٽ کي پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت، ذريعن موجب جلال شاهه ڄاموٽ طرفان جلد پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ جا امڪان آھي.