مٺي: 15 سالن جي نينگر سان اجتماعي ڏاڍائي، وڊيو ڀرڻ جو انڪشاف!

0
468

مٺي: مٺي ۾ ڏيپلو واسي 15 سالن جي نينگر سان اجتماعي ڏاڍائي ۽ وڊيو رڪارڊ ڪرڻ جو انڪشاف سامهون آيو. 15 سالن جي نينگر بشام ميمڻ کي ٻن جوابدارن مٺي ۾ هڪ جڳھه اندر يرغمال بڻائي جنسي ڏاڍائي ڪرڻ بعد سندس اعتراض جوڳي وڊيو پڻ رڪارڊ ڪئي. مٺي ٿاڻي تي نينگر جي وارثن پاران ٻن جوابدارن خدا بخش سومرو ۽ سرفراز عرف جاني ڪورائي خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي. متاثر نينگر جو چوڻ هو ته جوابدارن مٺي جي هڪ جڳھه ۾ قيد ڪري ڏاڍائي ڪئي ۽ وڊيو رڪارڊ ڪري وائرل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون. نينگر جي ڀاءُ گل ميمڻ جو چوڻ آهي ته منهنجي ڀاءُ بشام ميمڻ کي جوابدارن ڏيپلو مان اغوا ڪري مٺي ۾ 4 ڪلاڪ ڏاڍائي ڪئي، اسان سان انصاف ڪيو وڃي، مٺي پوليس ڪيس داخل ڪرڻ بعد اڃان گرفتاري نه ڪئي آھي جوابدار بااثر آھن جن مان خطرو آھي.