سنڌ ۾ 19هين ۽ 20هين گريڊ جي ڪامورن جون بدليون ۽ مقرريون

0
462
ڪراچي: ترقيون ملڻ بعد  10

ڪراچي: سنڌ ۾ 19هين ۽ 20هين گريڊ جي ڪامورن جون بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن. فاريسٽ کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري ( ٽيڪنيڪل ) عبدالجبار قاضي کي بدلي ڪري چيف ڪنزرويٽر (آراينڊ آءِ ) مقرر ڪيو ويو آهي. چيف ڪنزرويٽر فاريسٽ اعجاز نظاماڻي کي بدلي ڪري ايڊيشنل سيڪريٽري (ٽيڪنيڪل ) مقرر ڪيو ويو. پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل حبيب الله نظاماڻي کي چيف ڪنزرويٽر فاريسٽ مقرر ڪيو ويو. ليبر کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري زاهد کيمٽيو کي بدلي ڪري ايم ڊي واسا حيدرآباد مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته چيف سيڪريٽري جي منظوري بعد سروسز کاتي جي اختيارين بدلين ۽ مقررين جا نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيا.