سجاول ۾ ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت

0
266

سجاول: ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا موقعي تي ئي فوت، ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڪراچي ناڪي وٽ ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ توقير شاه ۽ عمران ملاح فوت ٿي ويا. زخمين ۾ بابو پٽ رستم ۽ غلام حيدر شاه شامل آهن، جن کي فرسٽ ايڊ ڏئي ڪراچي روانو ڪيو ويو آھي.