ميرپورماٿيلو: صحت کاتي ۾ جعلي ڀرتين جي الزام ۾ 6 ملازمن کي ڊي ايڇ او گھوٽڪي نوڪرين مان برطرف ڪري ڇڏيو آھي

0
223

ميرپورماٿيلو: صحت کاتي ۾ جعلي ڀرتين جي الزام ۾ 6 ملازمن کي ڊي ايڇ او گھوٽڪي نوڪرين مان برطرف ڪري ڇڏيو آھي. جونيئر ڪلارڪ طارق چڍڙ، شبير احمد، وارڊ سرونٽ، جبار چڍڙ، مشتاق چڍڙ،ڊسپينسر آفتاب احمد، ھيلٿ ٽيڪنيشن برڪت علي کي نوڪرين مان برطرف جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آھي. ڊي ايڇ او گهوٽڪي جو چوڻ هو ته سڀني ملازمن جون ڀرتي ڪرڻ وقت سندس عمرون 13 کان 17 سالن وچ ۾ ھيون، تعليمي سرٽفڪيٽ به جعلي آھن. هن چيو ته 2008 ۾ ان وقت جي ڊي ايڇ او جي جعلي صحي ذريعي ڀرتيون ڪيون ويون، ملازمن کي شوڪاز ڏيڻ باوجود ھو پيش نه ٿيا، جعلي ڀرتين جي حوالي سان وڌيڪ جاچ ھلندڙ آھي ملوث سمورن ڪردارن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي.