مٺي (رپورٽر) مٺي ۾ پراڻي ڊي سي آفيس سامهون پورهيت جو هوٽل انتظاميا حددخلي ڄاڻائي ڊهرائي پٽ ڪري ڇڏيو، اي سي پوليس اٽالن سان گڏجي  پورهيت خالق ڏنو ساند جو هوٽل حددخلي ڄاڻائي ڊهرائي پٽ ڪرائي ڇڏيو، ان ڏس ۾ پورهيتن اي سي جي اهڙي ڪارروائي خلاف سخت احتجاج ڪيو، ان موقعي تي هوٽل مالڪ خالق ڏنو ساند دانهيندي چيو ته اي سي آفيس جي ڪلارڪ راجيش مهراج ۽ ٻئي عملي جي چرچ تي هوٽل ڊاهي پٽ ڪيو ويو آهي، پوري شهر ۾ غيرقانوني اڏاوتون قائم آهن پر انتظاميا کي رڳو اسان جو هوٽل نظر آيو، هن معاملي جي جاچ جو مطالبو ڪيو، اي سي حميد مغل رابطو ڪرڻ تي چيو ته هوٽل حددخلي ۾ اچي پيو، ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر جي حڪم تي ڪارروائي ڪئي آهي، شهر ۾ چوٻول آهن ته اي سي آفيس جي عملي ماني ۽ چانھه مفت ۾ نه ڏيڻ تان ھوٽل مالڪ خلاف ڪارروائي ڪري سندس هوٽل ڊهرايو آهي.