خانپور مهر (ن پ ا) پ پ ايم اين اي محمد بخش خان مهر جي خانڳڙھ ۾ کليل ڪچهري، علائقي واسين مسئلن جا انبار لڳائي ڇڏيا. خبر موجب پيپلز پارٽيءَ جي ايم اين اي محمد بخش مهر پاران عوام جا مسئلا معلوم ڪرڻ لاءِ گذريل ڏينهن خانڳڙهه جي مهر هائوس تي کليل ڪچهري ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ مختلف علائقن کان آيل ماڻهن بنيادي سهولتن جي اڻاٺ جي حوالي سان مسئلن جا انبار لڳائي ڇڏيا. ان موقعي تي عوامي مسئلا ٻڌڻ بعد محمد بخش خان مهر لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کي فون ڪري عوام جا جائز مسئلا فوري طور حل ڪرڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون. محمد بخش مهر جو چوڻ هو ته غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جي خدمت اسان جي ذميواري آهي. ان موقعي تي حاجي زبردست خان مهر ،عبدالرزاق خان مهر ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.