مٺياڻي (ن پ ا) مٺياڻي شهر ۾ چانڊيا پيٽرول پمپ وٽ ٻن تيز رفتار موٽرسائيڪلين ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ سهڙا واسي نورل الله ڪوريجو ۽ مٺياڻي شهر واسي واجد سولنگي سخت زخمي ٿي پيا جن کي زخمي حالت ۾ مٺياڻي رورل هيلٿ سينٽر آندو ويو جتي واجد سولنگي کي وڌيڪ علاج لاءِ نوشهروفروز ريفر ڪيو ويو جڏهن ته نورل الله مٺياڻي رورل هيلٿ سينٽر علاج هيٺ آهي.