ميڪسيڪو ۾ نينگري يوگا ڪندي ڇهين ماڙ تان ڪري پئي

0
308

ميڪسيڪو (دلچسپ نيوز) ميڪسيڪو ۾ 23 ساله ڇوڪري يوگا ڪندي 6 ماڙ عمارت تان هيٺ ڪري پئي. ميڪسيڪو جي شهر سين پيڊور ۾ ڪاليج جي شاگردياڻي ايلڪس جي ڪجهه مهينا پهرين ڪنهن يوگا ڪندي هڪ تصوير ڪڍي هئي جنهن ۾ ايلڪس بالڪوني ۾ پير موڙي اونڌي لٽڪيل هئي.اهڙي خطرناڪ قسم جي يوگا دوران ايلڪس پنهنجو توازن برقرار رکڻ ۾ ناڪام ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ هو 6 ماڙ عمارت تان هيٺ ڪري پئي. ميڪسيڪو جي اخبار موجب ايترو اوچائي تان ڪرڻ کان پوءِ ڇوڪريءَ جي جسم جون 110 هڏيون ڀڄي پيون آهن جنهن کي سرجنن 11 ڪلاڪن جي ڊگهي ۽ ڪامياب آپريشن کان پوءِ ٺيڪ ڪيو ۽ خوش قسمتي سان ڇوڪري جي زندگي بچي وئي.حادثي جي تقريبن 2 مهينن کان پوءِ ڇوڪري ٻڌايو ته ايترا ڌڪ لڳڻ باوجود هو صحتياب ٿي رهي آهي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ايلڪس جي تازو ئي ٺونٺ جي سرجري ڪئي وئي آهي ته جيئن ان جي هٿن ۽ ٻانهن جي حرڪت بحال ٿي سگهي جڏهن ته ان جي روزاني جسماني ٿراپي به ڪئي پئي وڃي.ڊاڪٽرن وڌيڪ ٻڌايو ته ايلڪس جي مستقبل ۾ به ڪيتريون ئي سرجريون ڪيون وينديون ته جيئن ان جو جسم مڪمل طور تي صحيح ٿي وڃي.