ڏکڻ آفريڪا جي انوکي ٽرينڊ برطانوي يوٽيوبر کي لک پتي بڻائي ڇڏيو

0
342

نيويارڪ (دلچسپ نيوز) ڏکڻ آفريڪا جي انوکي ٽرينڊ برطانوي يوٽيوبر کي لک پتي بڻائي ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب برطانيا جي 28 ورهين جي يوٽيوبر فيبيوميٽيسن ماڻهن جي سامهون کاڌو نه کائي سگهڻ واري انوکي ڪيفيت ۾ ورتل هئي، نوجوان يوٽيوبر ڏکڻ آفريڪا جي هڪ ٽرينڊ کي فالو ڪيو، جنهن تحت ماڻهو کاڌو کائڻ دوران وڊيو ٺاهين ٿاوڊيو ٺاهڻ دوران اهي ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪندا رهن ٿا، جنهن سبب اهو منظر سوشل ميڊيا تي ٽرينڊ بڻجي ويو، فيبيوميٽيسن 2018 ۾ پنهنجي پهرين وڊيو ٺاهي رکي ته اها وائرل ٿي وئي ۽ ڏکڻ فريڪي سائيٽ کيس پيسا پڻ ڏنا، نوجوان يوٽيوبر نه رڳو پنهنجي ماڻهن اڳيان نه کائي سگهڻ واري ڪيفيت مان نڪري آئي پران ذريعي پيسا ڪمائڻ لڳي ۽ هن وقت هو لک پتي بڻجي چڪي آهي. ان حوالي سان فيبيوميٽيسن جو چوڻ آهي ته مون کي کاڌي دوران هزارين ماڻهو ڏسندا آهن ۽ هاڻ ان ڪم جي ڪري مان کاڌو کائڻ مان لطف اندوز ٿيندي آهيان.هن وڌيڪ چيو ته جڏهن مان 19 سالن جي هئس ان وقت کان مون کي کاڌو کائڻ جي حوالي سان مختلف مسئلا هئا. مان هميشه ان ڳالهه کان ڊڄندي هئس ته منهنجو وزن نه وڌي وڃي ۽ مون کي اها ڳالهه بلڪل پسند نه هئي ته مان ڪنهن جي سامهون کاڌو کايان. فيبيو چيو ته مون کي ڪيترن ئي ماڻهن جا پيغام ايندا آهن جن مان انهن جو چوڻ هوندو آهي ته اوهان جي وڊيو ڏسڻ کان پوءِ اسان کي تمام گهڻو خوشي محسوس ٿيندي آهي جڏهن ته وڊيو سان دٻاءُ ۽ بيچيني واري ڪيفيت به ختم ٿي ويندي آهي ۽ اسان کي اوهان جي وڊيو ڏسڻ کان پوءِ پنهنجي اندر خود اعتمادي وڌڻ ۾ به مدد ملندي آهي.