ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ نائين ۽ ڏهين جا امتحان جاري، ڪاپي جي ڌم، سکر ۽ ميرپور خاص ۾ 101 شاگردن تي ڪاپي ڪيس، بجلي بند هجڻ سبب ڪيترائي شاگرد بيهوش، حيدرآباد تعليمي بورڊ جي زير اهتمام ڏهين ڪلاس جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کان ڪيميسٽري جو پيپر ورتو ويو، اڪثر سينٽرن تي بجلي بند هئڻ سبب امتحان ڏيڻ لاءِ پهتل اميدوار گرمي ۾ بيحال ٿي ويا، سکر ۾ بورڊ طرفان جوڙيل ٽيمن نائين جماعت جي فزڪس ۽ ڏھين جماعت جي پاڪستان اسٽڊي جي پيپر ۾61 ڄڻن کي ڪاپي ڪيس ڪيو، ھوڏانھن امتحاني سينٽرز تي ڪالهه به ڪاپي جي ڌم متل رھي، انٽرنيٽ سروس بند رهي جنهن ڪري امتحاني سينٽرز ٻاھران ماڻھن جا ھجوم گڏ ٿيل نظر آيا، ميرپورخاص ۾ نائين ۽ ڏھين ڪلاس جي سنڌي ۽ اردو جي پيپرن ۾ انٽرنيٽ سروس بند ٿيڻ سبب اميدوار ڪاپي نه ڪري سگهيا، جڏهن ته شاگردن کي ڪتاب ۽ گائيڊز پھچائي ڪاپي ڪرائي وئي، ڪنٽرولر انور عليم خانزادي مختلف سينٽرن جو دورو ڪري 40 کان وڌيڪ ڪاپي ڪيس ڪيا، ٽنڊوالھيار جي ايس ايم ھاءِ اسڪول ۾ پيپر دوارن گرمي سبب 3 شاگرد مھتاب جويو، ڪشور ميگھواڙ ۽ پريتم ميگھواڙ بيهوش ٿي ويا، ڄام صاحب جي فقير غلام رسول ھائير سيڪنڊري اسڪول ۾ نائين ۽ ڏھين ڪلاس جي پيپرن دوران بجلي بند هجڻ ۽ گرمي سبب شاگرد سخت پريشان رهيا، جڏهن ته انٽرنيٽ سروس بند هجڻ سبب اڪثر شاگرد ڪاپي نه ڪري سگهيا.