ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص جي تعليمي بورڊ جو ڪارنامو، سنڌي جي پيپر ۾ 11 سوال پراڻي ڪتاب مان کڻي شامل ڪيا ويا، 3 سالن کان پڙھائي ويندڙ نئين ڪتاب ۾ اھي سبق ئي شامل ناھن، استاد ۽ شاگرد پريشان، ڪنٽرولر پاران جاچ جو حڪم، ان ڏس ۾ ميرپورخاص تعليمي بورڊ ۾ مختلف سبجيڪٽن جا سواليا پيپر ٺاھيندڙ ماھرن سنڌي جي اڄوڪي ٿيل پيپر ۾ 3 سال اڳ پڙھائي ويندڙ سنڌي ڪتاب ۾ شامل سبقن مان 11 سوال شامل ڪري شاگردن کي موڪلي ڇڏيا، پر اھي سبق 2020ع کان سنڌ جي اسڪول ۾ پڙھائي ويندڙ ڪتاب ۾ شامل ئي ناھن. ڄاڻايل سوال سنڌي جي پراڻي ڪتاب ۾ شامل سبق “اسلامي سيڪريٽريٽ” “نيويارڪ جا رنگ” “آغا خان فائونڊيشن” “بچت” “مشيني دماغ: ڪمپيوٽر”, “انسانيت” ۽ “روھڙي” سبقن تان ورتل آھن. اھڙا سوال  سواليا پيپر جي ڀاڱي پھرئين (MCQs) ۾ سوال نمبر 5, 6, 7, 9, 10, 12, ۽ 15 تي ڪيا ويا آھن، جڏھن ته سواليا پيپر جي ڀاڱي ٻئي جا  2, 3, 6 ۽ 7 نمبر سوال به آئوٽ آف سليبس شامل ڪيا ويا آھن، جيڪي سڀ سنڌي جي نئين ڪتاب بدران پراڻي ڪتاب مان کنيا ويا آھن، جيڪو ھاڻ نٿو پڙھايو وڃي، جڏھن ته نئين سليبس واري سنڌي ڪتاب ۾ اھي سبق ئي شامل ناھن. ٻي طرف  ڪنٽرولر انور عليم خانزادي ٻڌايو ته سندس پوسٽنگ گذريل رات ٿي آھي، ڄاڻايل پيپر پروفيسرن جي ٽيم ٺاھيندي آھي، ھو ان ڏس ۾ جاچ ڪرائيندو ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.