ميسي جو انتظار ختم: ارجنٽائن ڪوپا امريڪا فٽبال ڪپ کٽي ورتو: برازيل کي شڪست

0
259

ماراڪانا(اسپورٽس نيوز) ارجنٽينا ڪوپا امريڪا فٽبال جو فائنل کٽي ورتو، سپر اسٽار فٽبالر ليون ميسي پنهنجي قومي ٽيم سان پهرين ٽرافي کٽي ورتي، اينجل ڊي ماريا جي گول سبب ڪوپا امريڪا جي فائنل ۾ ارجنٽائن ميزبان برازيل کي 0-1 تان شڪست ڏني. فٽبال ميچ ۾ ارجنٽائن طرفان ميچ جو واحد ۽ فيصلائتو گول ڊي ماريا ڪيو. 28 سالن کانپوءِ امريڪا چيمپئن بڻجڻ تي ارجنٽائن جي مداحن جشن ملهايو، ليونل ميسي به ڪيريئر ۾ ڪپتان طور پهرين وڏي ڪاميابي حاصل ڪري تاريخ رقم ڪري ڇڏي. ٻئي پاسي ڪاميابي بعد نيمار جي ميسي طرفان نيمار جونيئر کي ڀاڪر ڀري روئڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. ميسي جو چوڻ هو ته ڪوپا امريڪا ڪپ سندس ڪيريئر جي بهترين ڪاميابي آهي، هو اڳتي به اهڙيون ٽرافيون کٽيندو رهندو.