انهن ماڻهن سان گڏ گذاريو جيڪي مددگار آهن: هانيا عامر جو پيغام

0
466

ڪراچي (شوبز نيوز) من موهڻي اداڪارا هانياعامر سوشل ميڊيا تي پنهنجي چاهيندڙن لاءِ مقصد ڀريو پيغام جاري ڪيو آهي. هانيا عامر فوٽو ۽ ويڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي پنهنجي هڪ ويڊيو شيئر ڪئي آهي، جنهن ۾ کيس ورزش ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. انسٽاگرام تي شيئر ڪيل ويڊيو ۾ هانيا عامر سان گڏ سندس دوست اداڪارا مريم انصاري به موجود آهي، جيڪا ورزش ۾ هن جي مدد ڪري رهي آهي. هانيا عامر پنهنجي پوسٽ جي ڪيپشن ۾ لکيو آهي ته زندگي ڏکي ٿي سگهي ٿي پر توهان کي هار ناهي مڃڻي ۽ نه ئي ان کي پنهنجي مٿان حاوي ڪرڻو آهي. اداڪارا لکيو ته توهان پاڻ کي اهڙن ماڻهن سان گڏ رکو، جيڪي توهان کي ڏکيائين مان نڪرڻ ۽ اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڪن، اهڙن ماڻهن سان رهو، جيڪي توهان سان محبت ڪن ٿا. آخر ۾ هن لکيو ته هيءَ تعريفي پوسٽ منهنجي دوست مريم انصاري لاءِ آهي.