ماهرا خان پاڪستان جي اداڪارن جي ٽرسٽ ۾ شامل ٿي وئي

0
287
ماهرا خان جلد ٽي وي ڊرامي ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي
ماهرا خان جلد ٽي وي ڊرامي ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان جي ڪامياب ترين اداڪارا ماهرا خان ايڪٽرز ڪليڪٽو ٽرسٽ پاڪستان (ACT-PAKISTAN) جي ميمبر بڻجي وئي. ايڪٽرز ڪليڪٽو ٽرسٽ پاڪستان جي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ طرفان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ان ڳالهه جو اعلان ڪيو ويو ته جڳ مشهور پاڪستاني اداڪارا ماهرا خان اي سي ٽي ۾ شموليت ڪري ڇڏي آهي. اي سي ٽي جي آفيشل اڪائونٽ طرفان بيان ۾ لکيو ويو آهي ته اسان پنهنجي نئين ميمبر جي حيثيت ۾ باصلاحيت اداڪارا ماهرا خان کي ڀليڪار چئون ٿا.