جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آبد ويجهو ميرپور ٻرڙو ٿاڻي تي مبينا حملو، ايس ايڇ او کي مارڪٽ، ايس ايڇ او واقعي جي تصديق ڪري ڇڏي. خبر موجب ميرپور ٻرڙو ٿاڻي تي بااثر خلاف دانھن کڻي ايندڙ شھري جي فرياد وٺڻ تي بااثر مڇرجي پيا ۽ ساٿين سان گڏجي ٿاڻي تي حملو ڪري ايس ايڇ او روشن مزاري کي ڪٽڪو ڏنو، بااثر ماڻهن پاران ايس ايڇ او کي ڪٽڪو ڏيڻ دوران ٿاڻي جي ٻئي عملي ڀڄي جان بچائي. ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او ميرپور ٻرڙو پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته شھر ۾ اختر آرائين ۽ اقرار ٻرڙو ۾ پلاٽ جي معاملي تان ڇڪتاڻ ھلندڙ آهي، اختر آرائين اھڙي دانھن کڻي ٿاڻي تي پھتو ته بااثر مڇرجي پيا، جن ھڪ سئو کان مٿي ساٿين سان گڏجي ٿاڻي تي حملو ڪري تشدد جو نشانو بڻايو، هن چيو ته واقعي جي ڄاڻ ايس ايس پي جيڪب آباد شمائل رياض ملڪ کي ڏني وئي آهي.