ميرپوربٺورو (ن پ ا) ميرپور بٺورو جي ڳوٺن جا روڊ ۽ رستا نه ٺهڻ ۽ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ خلاف رهواسين پنجين ڏينهن به احتجاج ڪندي بک ھڙتال ڪئي پي ٽي آئي اڳواڻ رفيق ڪلانتري، راجا شورو ،جيئي سنڌ محاذ جي نعمان شورو،  جيئي سنڌ قومي پارٽي جي قادر بخش زئور ڳوٺاڻن علي اڪبر ملاح ۽ علي چانگ ۽ ٻين چيو ته  کورواھ روڊ کان مختلف ڳوٺن حمزو ملاح، عبداللہ ملاح، غازي چانگ، نور محمد ڪلاتري، نبن جمالي جا رهواسي جديد دور ۾ به 20 سالن کان روڊن جي سهولت کان محروم آهن. ڳوٺن کي روڊن جي سهولت نه ڏني وئي ته احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو.