ميرپور ٻرڙو (ن پ ا) ميرپور ٻرڙو ٿاڻي جي حد ڳوٺ چانڊاڻ جي مين اسٽاپ تي رات دير سان نامعلوم چورن جي ٽولي ڳوٺاڻي محمد پنهل ٻرڙو جي ڪرياني جي دڪان جا تالا ٽوري 70 هزار روڪ ۽ ٻيو سامان کڻي فرارٿي ويا، ٻي طرف بدامني خلاف سوين ڳوٺاڻن جو ٺل_ جيڪب آباد مين روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، سخت نعري بازي، ان موقعي تي ڳوٺاڻن محمد پنهل ٻرڙو، عبدالخالق ٻرڙو، رمضان ٻرڙو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته شهر ۽ ڀرپاسي چوريون ۽ ڦرون معمول بڻيل آهن پر پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، جنهن سبب غيرمحفوظ آهيون، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي شهر ۾ امن قائم ڪرايو وڃي، ٻي طرف پوليس مظاهرين سان ڳالهيون ڪري خاطري بعد احتجاج ختم ڪرايو.