ميرپورخاص (رپورٽ: روي شنڪر مالھي) ميرپورخاص ضلعي ۾ 74 کان وڌيڪ افغانين کي نادرا جي موبائيل وين ۾ ڊيوٽي ڪندڙ عملي پاران 2014ع دوران سنڌ ۾ غيرقانوني طور آباد افغانين کي غيرقانوني طور وڏين رقمن عيوض قومي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ جون شڪايتون ملڻ تي ايف آءِ اي پاران ڪارروائي ڪندي شڪ هيٺ آيل اُن وقت نادرا جي موبائيل وين ۽ نادرا آفيس ۾ ڪم ڪندڙن خلاف جاچ شروع ڪئي ھئي، جنھن بعد ڪجھه ملازمن کي نوڪرين مان ڪڍيو ويو ھو، جڏهن ته ڪجھه ملازمن کي کاتي جي جاچ بعد کين ٻيهر نوڪرين تي بحال ڪيو ويو، جڏھن ته افغانين سميت ٻين ڌارين کي غيرقانوني طور قومي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ واري جاچ جيڪا 7 سال تائين جاري رھي، اڳ ايف آءِ ڪراچي ۽ پوءِ حيدرآباد سرڪل جاچ ڪئي ۽ بعد ۾ ايف آءِ اي ڪرائيم سيل ميرپورخاص شفٽ ٿيڻ بعد ايف آءِ اي ميرپورخاص سرڪل پاران ان وقت مقرر ميرپورخاص جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نادر خان ڏاهري، ڊي اي اوالھڏنو، ڊي اي او دلاور علي، انچارج بدر رضا، ڊي اي او انيس احمد، ڊي اي او اسد سعيد ۽ ڊي اي او جلال عبدالڪريم خلاف قلم 420، 486، 471، 109 سميت ٻين قلمن تحت ڊپٽي ڊائريڪٽر (آپريشن) نادرا ريجنل آفيس احمد وقاص لانگاھ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيا ويا آھن، جڏھن ته ذريعن موجب الزام ھيٺ آيلن مان بدر رضا ۽ اسد سعيد اڳ ئي نوڪرين مان برطرف ٿيل آهن، جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد ٻيا جوابدار مختلف هنڌن تي نادرا ۾ نوڪريون ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ڪيس داخل ٿيڻ بعد الزام ھيٺ آيل ڪامورا فرار ٿي ويا آھن، جن جي گرفتاري عمل نه اچي سگھي آهي، جڏھن ته ايف آءِ اي ميرپورخاص سرڪل پاران جاچ مڪمل ڪرڻ بعد اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن (سينٽرل) حيدرآباد جي عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آھي.