ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص سول اسپتال آڏو 15 سال اڳ گھران ناراض ٿي ويل پيرسن شخص جو لاش ھٿ، ميرپورخاص جي سول اسپتال آڏو نائين پاڙي واسي پيرسن جبار احمد ناغوري جو لاش هٿ آيو. اھڙي اطلاع تي ٽائون پوليس پھچي لاش کي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جتان ضروري ڪاررواين بعد لاش سندس ڀاءُ محمد ابراھيم ناغوري حوالي ڪيو ويو. محمد ابراهيم چيو ته 15 سال اڳ ڀاءُ ناراض ٿي گھران نڪري ويو ھو اڄ سندس لاش مليو آھي، سندس موت جي خبر پئجي ناھي سگهي. ٻئي طرف ايس ايچ او ٽائون رابطو ڪرڻ تي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته پيرسن کي دل جو دورو پيو ھو جنهن سبب سندس موت ٿيو آھي ضروري ڪاررواين بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آھي .